
پاڻي جي بوند لاءِ هاءِ، حيدرآباد واسين جي فرياد
ڇپيل May 31, 2025 | ڪيٽيگري: مڪامي
حيدرآباد، سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر، اڄ پاڻي جي شديد بحران سان منهن ڏئي رهيو آهي. هي شهر جيڪو هزارين ماڻهن جو گهر آهي، اتي ماڻهن جا نل خشڪ ٿي ويا آهن، انهن جي زندگي جو هر پل پاڻي لاءِ پريشاني سان ڀريو ويو آهي.
هيرآباد، شاهي بازار، کائي روڊ، آفندي ٽائون، ٽنڊو مير محمود، يونٽ نمبر 12، ۽ ڪوهسار جهڙن علائقن ۾ چار چار ڏينهن تائين پاڻي نٿو اچي. ماڻهو مجبور ٿي نجّي ٽينڪرن تان مهانگي اگهه تي پاڻي خريد ڪري رهيا آهن، يا زيرزمين پاڻي پئي ڪڍي رهيا آهن، جيڪو صحت لاءِ سخت نقصانڪار آهي.
شاهي بازار ۽ قاسم آباد جي شهرس نگر مان گندگي، مٽي ۽ بدبوءَ واري پاڻي جون شڪايتون سامهون آيون آهن. هڪ مقامي شهري عاشق ٻڌايو ته "چار ڏينهن کانپوءِ جيڪو پاڻي مليو، اهو ايترو گندو هو جو استعمال لائق ئي نه رهيو."
ڪوهسار ۽ خدا حافظ چوڪ کان وٺي واسا پمپنگ اسٽيشن تائين پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي. خدا حافظ چوڪ جي واسين کي واسا اسٽيشن تان پاڻي وٺڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته فلٽريشن پلانٽ به بند پيل آهي.
ماڻهو الزام لڳائين ٿا ته واسا جا ڪجهه اهلڪار، جن جي پگهارون بند آهن، رات جي وقت غيرقانوني ڪنيڪشن ڏئي رهيا آهن. اهڙن ڪنيڪشنن سان پائپ لائن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري باقاعدي صارف به پاڻي کان محروم ٿي رهيا آهن.
آخرڪار، وسيلن کان محروم ماڻهن جو صبر جواب ڏئي ويو. ڪوهسار ۽ يونٽ نمبر 12 جي رهواسين خدا حافظ چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. سندن مطالبو آهي ته پاڻي جي فراهمي فوري بحال ڪئي وڃي ۽ غيرقانوني ڪنيڪشنن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.