“تبديلي جو فلسفو” مارڪسي سوچ ۽ سوشلسٽ سياست سان جڙيل سياسي ڪارڪن ڪامريڊ بخشل ٿلهي جو ٻيون ڪتاب آهي. هي ڪتاب جدلياتي قانون ۽ ڪيٽيگورين جي باري ۾ آهي، جتي انتهائي آسان مثالن ذريعي هوند ۽ اڻهوند، قطعي ۽ نسبتي، جوهر ۽ ڏيک، سبب ۽ نتيجو، ڪُل ۽ جز، لازميت ۽ اتفاق، محدود ۽ لامحدود جهڙين ڪيٽيگورين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌي ۾ جدليات ۽ فلسفي تي اڳ ۾ ئي ڪيترائي ترجما ٿيل ڪتاب موجود آهن، جيڪي محض ٽيڪسٽ جي ترجمي تائين محدود رهيا آهن. پر هي ڪتاب انهن ۾ پنهنجو خاص مقام رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ليکڪ پاڻ هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن آهي. تنهن ڪري، “تبديلي جو فلسفو” سياسي ڪارڪن جي نظرئي ۽ سمجھ جي ذريعي تبديلي جي فلسفي کي نون انداز ۾ پيش ڪري ٿو.